جهنڊو پاتڻي

جهنڊو پاتڻي: مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي ته: شيخ جهنڊو پاتڻي، سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جي نظرِ ڪرامت مان فيضياب هو. روايت آهي ته جڏهن ميران محمد جونپوري ٺٽي ۾ آيو هو ۽ عالمن جي چوڻ تي ڄام نظام الدين کيس تبليغ ڪرڻ بجاءِ ٻيڙيءَ تي چاڙهي واپس روانو ڪيو هو، ته ميربحر سندس ٻيڙي گپ ۾ ڦاسائي هليا ويا هئا، تنهن وقت جهنڊو پاتڻي اتي اچي پهتو ۽ مهدي جونپوريءَ کي انهيءَ جاءِ مان بچايائين. ستن معصوم نياڻين جي دعا سان به چڱي توفيق جو مالڪ ۽ بلند درجن جو صاحب بڻيو هو. جهنڊي پاتڻيءَ جي درگاهه فيض جي جاءِ آهي. هي درگاهه ساموئيءَ ۾ آهي، جيڪي بزرگ مڪليءَ جي زيارت تي ايندا آهن، سي هن بزرگ جي درگاهه جي زيارت ضرور ڪندا آهن


لفظ جهنڊو پاتڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو